اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٻن مهينن ۾ 7482 ڪيس اُڪلايا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي رجسٽرار آفيس مان جاري پڌرائيءَ مطابق چيف جسٽس يحيٰ آفري??ي جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ 28 آڪٽوبر 2024ع کان 3 جنوري 2025ع تائين ڪيسن کي ??يز رفتاريءَ سان اُڪلائيندي 7482 ڪيس اُڪلائي ڇڏيا، جڏهن ته ان وقت دوران 2950 نوان ڪيس داخل ڪيا. اهي ڪاميابيون ڪيس لوڊ مئنيجمينٽ، وسيلن آهر ۽ مناسب انساني وسيلن جي نئين سر جوڙجڪ جي نتيجي ۾ ٿيون. چيف جسٽس ۽ ٻين ججن ان ڳالهه کي يقين?? بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ته ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت عوام جي ضرورتن کي پورو ڪندي رهي. چيف جسٽس عدليه جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ عدالتي سڌارن تي ڀرپور زور ڀ??يو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايڊوانسڊ آءِ ٽي سسٽمز کي ا??تظامي ورڪ فلو کي هموار ڪرڻ، ڪيس ٽريڪنگ کي ??هتر بڻائڻ ۽ تيز ترين فيصلا سازي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ مربوط ڪيو پيو وڃي ۽ اِي حلف نامو ۽ فوري تصديقي ڪاپيون متعارف ڪرائي اصيلن جي سهولت تي ڌيان ڏيندي ڪيس مئنيجمينٽ جي عمل ۾ بهتري آندي پئي وڃي. ڌُرين خاص طور تي ليگل پريٽڪشنرز، مدعي ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن کان فيڊ بيڪ گڏ ڪرڻ جو طريقيڪار متعارف ڪرايو ويو آهي. انهن قدمن جو مقصد عدليه کي وڌيڪ جوابدار، رسائي جوڳو ۽ عوام جي ضرورتن لاءِ جوابداه بڻائڻ آهي. ضلعي عدليه جي ا??م ڪردار کي قانوني چاره جوئي لاءِ رابطي جو پهريون هنڌ تسليم ڪندي چيف جسٽس پاڻ سڄي ملڪ جي ڏورانهن ضلعن جو دؤرو ڪيو. انهن دؤرن جو مقصد هيٺين سطح تي ا??صاف جي فراهمي جي حالت جو جائزو وٺڻ، ضلعي عدالتن جي درپيش چئلينجز جي نشاندهي ڪرڻ ۽ سندن ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ جي طريقيڪار کي ڳولڻ هو. ضلعي عدليه نه رڳو عدليه جي نطام جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي پر عدليه تي عوام جي اعتماد ۽ ان جي جوڙجڪ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان جي صلاحيت کي ??هتر بڻائڻ، وسيلن ۾ فرق کي ??تم ڪرڻ ۽ سمورن شهرين لاءِ انصاف تائين برابر رسائي کي يقين?? بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.