رياض -23 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان گادي واري شهر رياض ۾ ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يول ??ان ملاقات ڪري ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن. سعودي خابرو اداري مطابق ڪوريا جي صدر لاءِ باضابطا سرڪاري استقبال واري تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو ويو، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. بعد ۾ سعودي ولي عهد ۽ ڪوريا جي صدر باضابطا ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي ٻه طرفن معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشت نامن تي صحيحيون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪ??ر ک?? وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جو جائزو ۽ دستياب وسيلن جي ان قسم جي سيڙپڪاري جي موقعن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ لاڳاپيل معاملن کان علاوه گڏيل مفادن ۽ ان حوالي ??ان گڏيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو ويو.