اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سالن کان غيراستعمال ٿيل اربين روپين جي ملڪيتن کي مثبت طريقي س??ن استعمال ۾ آڻڻ ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي عوام جي ڀلائي ۽ اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن جهڙين بنيادي سهولتن جي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ م??جوده حڪومت جي پاليسي جو اهم جز آهي. هن چيو ته اربين روپين جي ملڪيتن جي باوجود ??فاقي حڪومت جا مختلف ادارا اربين رپين جو ساليانو خسارو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ انهن و??ين قيمتن وارين ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻي ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مختلف وزارتن ۽ وفاقي حڪومت جي ادارن جي غيراستعمال ٿيل ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي س??ن اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.