اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 2020ع کي روزگار جو سال قرار ڏيندي مختلف ويزارتن ۽ ڊويزنن کي منظور ٿيل هڪ ل?? 29 ??زار نوڪرين جي لاءِ ڀرتين جي قانوني عمل کي ايندڙ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 2017ع جي آدمشماري موجب وفاقي نوڪرين ۾ فاٽا ۽ گلگت بلتستان جي چار سيڪڙو کي جدا ڪرڻ، قومي صح?? ۽ ??دمتن واري وزارت جو نالو تبديل ڪري صح?? ۽ ??بادي ڪرڻ، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ترميم ٿيل ايئر سروسز جي معاهدي جڏهن ته ريئر ??يڊ??رل ذڪاءُ الرحمان کي پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل، برگيڊيئر ضياءَ عابد باجوه کي هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا ۾ ميمبر پروڊڪشن ۽ سردار عبدالمجيد خان کي وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ريجنل آفيس ڪراچي ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا کي مختلف وزارتن پاران عوامي ڀلائي جي ڏس ۾ نشاندهي ڪيل نئين قدمن تي ع??لد??آمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.