اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار ??هز??د اڪبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ وڏي پئماني تي مالي گهپلن جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن بي آءِ ايس پي مان ناجائز فائدو کنيو، 2037 آفيسر بايوميٽرڪ ذريعي وظي??ا وٺندا رهيا، بي آءِ ايس پي جي آفي??رن کي برطرف ڪيو ويو جڏهن ته سمورا ڪيس ايف آءِ اي کي ڏينداسين، دوکيبازي ۽ مدد ڪندڙن جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويندا، سرڪاري آفي??رن ۾ اڪثر گهرڀاتين ذريعي فائدو کڻندا رهيا. اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??هز??د اڪبر بي آءِ ايس پي ۾ اعليٰ سرڪاري آفي??رن پاران فراڊ ذريعي مالي فائدا حاصل ڪرڻ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري آفي??رن غريبن جا حق ماريندي بي آءِ ايس پي مان فائدو کنيو.