دادو-09 آگسٽ (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي م??ڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ دادو ضلعي جي جوهي واري علائقي ۾ پهتو ۽ نئين گاج جي پاڻي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان ??لاقات ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏيا??يو. جڏهن ته ٻوڏ واري صورتحال ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته بلوچستان ??ان ايندڙ پاڻي نئين گاج ۽ منڇر ڍنڍ ۾ ويندو آهي. سنڌ جي نااهل حڪمران?? اهو معلوم به نه ڪيو ته هن ڀيري پاڻي وڌيڪ ايندو ۽ اهڙي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيندي. ٻوڏ واري صورتحال سبب 200 کان ??ڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته متاثرين جي هر ممڪن مدد ??ئي ويندي. سنڌ جي اداري پي ايم ڊي سميت مختلف ٻين ادارن کي اڳ ۾ پهچڻ گهرجي ها. حليم عادل شيخ چيو ته اهو سنڌ جي وڏي وزير جو تڪ آهي جڏهن ته هتان جو ڪو به والي وارث ناهي. گذريل ڏينهن رهواسي وڻن تي چڙهي م??د گهري رهيا هئا. هن چيو ته مدد لاءِ فوجي ٽيمون پهچي ويون آهن، فوجي جوان علائقي واسين جي م??د ڪري انهن کي م??فوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان ??هچايو پيو وڃي.