ڪراچي – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ۽ چيف اسڪائوٽ پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسڪائوٽس ٻارن کي ر??ايتي مهارتون سيکارڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي کان به روشناس ڪر??يو وڃي، اسڪولز جي ٻارن سان گڏ مدرسن جي ٻارن کي به شامل ڪريو، اسڪائوٽس ايندڙ سال جي لاءِ هدفن ۾ اسڪائوٽ جي تعداد ۾ وڌيڪ اضافي، اسڪائوٽنگ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ادارن ۽ نيون مهارتون سيکارڻ به شامل ڪريو، ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسڪائوٽس ايسوسيئيشن کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي حل ڪرڻ ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي صو??ائي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي 75 هين قومي ڪائونسل جي اجلاس جي دوران ڳالهائيندي ۽ ان کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو.