اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته چين پاڪ??تا?? اقتصادي راهداري منصوبو اڳوڻي حڪومت ذاتي منصوبو بڻايو هو، ڪو ادارو اهڙو ناهي جيڪو انهن تباهه نه ڪيو هجي، ملڪ کي گروي رکرايو، سي پيڪ جي منصوبي جا وڏا دشمن آهن، مخالف ڌر کي انهن جي هٿن ۾ نه کيڏڻ گهرجي، سي پيڪ چين ۽ پاڪ??تا?? جي عوام جي محبت جو نمونو بڻجندو، سي پيڪ اٿارٽي جو بل قومي اسيمبلي ۾ اڄ پيش ڪيو پيو وڃي، سي پيڪ اٿارٽي جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي رٿ بدنيتي تي ٻڌل آهي، ان طرح جي قدمن سان دوستن کي غلط پيغام ويندو آهي ۽ دشمنن کي خوشي ٿيندي آهي، مخالف ڌر ۾ سچ ٻڌڻ جو حوصلو نه آهي، ڪنهن قسم جي سازش سي پيڪ منصوبي کي ڊي ريل نٿي ڪري سگهي. سينيٽ ۾ سينيٽر رضا رباني جي سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته سي پيڪ اهڙو منصوبو آهي جي??و ڪنهن سياسي پارٽي جو منصوبو نه آهي، اهو چين ۽ پاڪ??تا?? جي حڪومتن ۽ عوام جو منصوبو آهي، ان کي غير سياي بڻائڻ ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرن ۽ ان تي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سي پيڪ اٿارٽي ٺاهي ۽ آرڊيننس جي ذريعي ان جو قيام عمل ۾ آندو ويو، بدقسمتي سان ملڪ ۾ قومي مفاد جو ??و ڪم هجي مخالف ڌر راهه ۾ رنڊڪ وجهندي آهي ۽ ان تي اعتراض ڪندي اهي، هن اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ منظور ٿيل فيصلن کي به پاڻ رد ڪيو، مخالف ڌر ۾ سچ ٻڌڻ جو حوصلو هجڻ گهرجي پر اهي سچ نٿا ٻڌي سگهن، سي پيڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم جاري آهي ۽ اهو پاڪ??تا?? ۽ چين جي عوام جي وچ ۾ مضبوط رشتي جي علامت آهي.