اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ ??ينڊ ??پريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي ??ان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 208 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 34 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 38 هزار 544 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 12 هزار 430، پنجاب ۾ 15 هزار 3، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 473، اسلام آباد ۾ 5 هزار 975، بلوچستان ۾ 626 ، گلگت بلتستان ۾ 297، آزاد ڪشمير ۾ 740 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ??لڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 25 هزار 788 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشم??ر ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ??لڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 869 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 228 مريض آهن. سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب ??تا??ر ماڻهن جو تعداد 3 لک 63 هزار 380 آهي.