اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي قومي ايشو کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، مخالف ڌر جلسن جي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مخالف ڌر وارا ته مڪمل لاڪ ڊائون جي وڪالت ڪري رهيا هئا، اڄ يوٽرن نه وٺن، ذاتي مفاد بدران عوام، سياسي ڪارڪنن ۽ پنهنجي زندگي جي حفاظت ۽ صحت کي خد??را ترجيح ڏني وڃي.