اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف مڪتبه فڪر جي 14 عالم ??ڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ رمضان ا??مبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عالم ??ڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ جي پڌرائي موجب صدر عارف علوي ڪورونا جي خاتمي جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مختلف مڪتبه فڪر جي عالم ??ڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ان موقعي تي صدر چيو ته رمضان ا??مبارڪ دوران عالم ??ڳورا پنهنجي پنهنجي اثررسوخ وارن علائقن ۾ ڪورونا جي خاتمي جي تدبيرن تي خاص طور تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عالم ??ڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت سان تعاون جي تلقين ڪن.