اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر پارٽين کي دعوت ڏني آهي ته اهي چونڊ سڌارن جي لاءِ اسان س??ن گڏجي ويهن، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ۾ گهٽ ٽرن آئوٽ جي باوجود سموريون پارٽيون ڌانڌلي جو ??وڙ ڪري رهيون آهن، چونڊن جي ساک رڳو ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ٻڌل آهي. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اين اي 249 ۾ ٽرن آئوٽ تمام گهٽ هجڻ جي باوجود سموريون سياسي پارٽيون ڌانڌلي جو ??وڙ ڪري رهيون آهن، ائين ئي ڊسڪ?? ۽ ??ينيٽ جي تازين چونڊن ۾ به ٿيو، بدقسمتي سان 1970ع کانپوءِ پاڪستان ۾ هر چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام هنيا ويا جنهن س??ن چونڊ نتيجن جي ساک تي سوال اٿاريا ويا.