جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان جي ڪابينا جا اهم ??يم??ر پڻ موجود هئا، منهنجي سعودي پرڏيهي و??ير شهزاده فيصل بن فرح??ن آل سعود سان پڻ ويهڪ ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ٿيون جنهن سان سعودي عرب ۽ پ??ڪستان جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي ويندي. سعودي عرب پاڪستان کي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ مان 500 ملين ڊالر جي رقم فراهم ڪندو. سعودي عرب کي ايندڙ 10 سالن دوران 10 ملين افرادي قوت گهربل هوندي، ان گهربل ورڪ فورس جو وڌيڪ حصو پاڪستان مان کن??و ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي و??ير جده ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان خصوصي ميڊيا ٽاڪ دوران ڪيو.