جده – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي و??ي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ ل??ڳا??ن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري دوران سعودي و??ي عهد شهزاده محمد بن سلمان ب?? عبدالعزيز السعود سان جده ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان ب?? عبدالعزيز جي لاءِ مخلصاڻي خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ و??ي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران کيس سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا.