اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغاريه ۽ ارجنٽينا جي نامزد سفيرن سندون پيش ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نامزدس فيرن صدر کي پنهنجون سندون پيش ڪيون. ان کانپوءِ هنن ڌار ڌار صدر سان ملاقاتون به ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ سمورن دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، گڏيل فائدن لاءِ سياسي معاشي ۽ ثقافتي سطح تي دوست ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏنو وڃي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، واپ??ري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن??ا. صدر چيو ته پاڪستان دنيا کي درپيش مختلف چلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن نامزد سفيرن کي ملڪ جي اقتصادي صورتحال جي ب??ري ۾ آگاهه ڪن??ي ٻڌايو ته پاڪستاني معيشت ??ورونا جي باوجود بهتر ڪارڪردگي جو م??اه??و ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جي وڏا موقعا موجود آهن، دنيا پاڪستاني معڪيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪ??ري ڪري ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي.