اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد جي ضرورت آهي، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پاڪستان جي معاونت ٿيندي ان ئي رفتار سان اسان ??ڌيڪ انساني حياتيون بچائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش اپيل جي تقريب کي ??طاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي ??مجهڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي برسات سبب جيڪا تباهي ٿي آهي اها دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. موسمياتي تبديلين جي تمام وڏي قيمت پاڪستان کي ??دا ڪرڻي پئي جڏه?? ته ماحول کي نقصان ??هچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، جڏه?? ته انهن تبديلين سبب متاثر ٿيل ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان شامل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي فنڊ ۾ پاڪستان کي ??ن جو حصو ڏنو وڃي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۾ هن سال جون کان ??ٺي سيپٽمبر تائين لڳاتار برساتون پيون ۽ اها هڪ غيرمعمولي صورتحال هئي. روائتي طور پاڪستا?? ۾ ??رياهن ۾ چاڙهه جي ڪري ٻوڏ ايندي رهندي آهي جڏه?? ته هن ڀيري اها تباهي غيرمعمولي برساتن جي صورت ۾ آسمان ??ان ??ازل ٿي، ڪجهه علائقن ۾ لڳاتار برسات پوندي رهي جنهن ڪري ملڪ ۾ رستن، ريلوي ٽريڪس ۽ بنيادي ڍانچي کي ??مام گهڻو نقصان ??هتو. هڪ اندازي مطابق جن علائقن ۾ 50 سيڪڙووڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي اتي 700 کان ??ٺي 1700 سيڪڙو تائين وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته لڳاتار برساتن جي ڪري انتظاميه هيليڪاپٽرن ذريعي به امداد نه پهچائي سگهي. هن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي جيئن ئي پاڻي گهٽجندو انهن علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جون سرگرميون شروع ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جو ڪم هڪ يا ٻن مهينن ۾ نه پر ان ۾ هڪ سال کان ??ڌيڪ عرصو لڳي سگهي ٿو. پاڪستان گڏيل قومن ۽ امداد ڏيندڙ ادارن نقصان جي شدت جو اندازو لڳايو آهي. پاڪستان کي ??ربين ڊالرن جو نقصان ??يو آهي.