اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عرب اسلامي غيرمعمولي سربراه?? اجلاس جي گڏيل پڌرنامي ج?? آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ويو آهي ته اها اسرائيل جي خلاف گڏيل قومن جي قراردادن کي لاڳو ڪري. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پڌرنامي ۾ قابض فوج کي هٿيارن جي برآمد بند ڪرڻ جو مطالبو ۽ عالمي فوجداري عدالت کان اسرائيلي ڏوهن جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراه?? اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي، اهو سربراه?? اجلاس والاريل فلسطين ۾ غيرانساني اسرائيلي جارحيت ۽ سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ گهراوي ويو هو. هن چيو ته نگران وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق لا??ِ پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ جون 1067ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ زور ڏنو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته پاڪستان قابض فوج پاران عالمي قانونن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي اسپتال کي نشانو بڻائڻ ۽ غزه جي اسپتالن جي خلاف اسرائيل جي جنگ جي پڻ مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسان الشفاءَ اسپتال ۾ اسرائيلي دراندازي، مريضن، طبي عملي ۽ شهرين کي خطري ۾ وجهڻ سان حيران آهيون، عالمي برادري اسرائيل کي اسپتالن تي حملن جي لا??ِ جوابده قرار ڏي. هن چيو ته اسرائيل کي ڄ??ڻي و??ڻي طور تي مسجدن، گرجا گهرن ۽ اسڪولن کي نشانو بڻائڻ جي لا??ِ پڻ جوابده هجڻ گهرجي جيڪي ??هرين کي پناهه ڏين ٿا جيڪي ??سرائيل پاران پنهنجي گهرن جي تباهي جي ڪري بي گهر ٿي چڪا آهن. ترجمان چيو ته شهرين جي بنيادي ڍانچي ۽ خودمختياري جي علامتن کي تباهه ڪري اسرائيل ڄ??ڻي و??ڻي غزه کي پنهنجي شهري آبادي جي لا??ِ رهائش جوڳو بڻائي رهيو آهي، اسرائيل جي حامين کي اسرائيل کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي جي پنهنجي منصوبن تي عملدرآمد کان روڪڻ گهرجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته جيئن ته گڏيل عرب اسلامي سربراه?? اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سمورن ملڪن کي قابض عملدارن کي هٿيارن ۽ گولي بارود جي برآمدات کي روڪڻ گهرجي جيڪي ??ن جي فوج ۽ اتي رهندڙ فلسطينين کي قتل ڪرڻ ۽ انهن جي گهرن، ملڪيتن ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ جي لا??ِ استعمال ڪن ٿا. هن هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي جاري جارحيت کي روڪڻ جي لا??ِ گڏيل ۽ بامعنيٰ طور تي ڪم ڪري ۽ والاريل فلسطين ۾ ٿيندڙ جنگي ڏوهن جي لا??ِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏي.