اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وڏي وزير ڄام ڪمال سان ب??وچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ وزيراعظم عمران خان جي بلوچستان جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ عزم جو واضح اظهار آهي، بلوچستان جي عوام جي احساس محرومي ختم ڪنداسين، انهن کي ملڪ جي ٻين ترقي يافته علائقن جي برابر آڻڻ وزيراعظم عمران خا?? جو ويزن آهي، بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي.