اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تي ڇڏيندڙن کي عوام پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، (ن) ليگي قيادت جي پن??نجي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ بلڪل بدحالي آئي آهي، وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهيون ڪري (ن) ليگ پن??نجي گراهڪن کي تسليون ۽ پن??نجي ٻڏل سياس?? ٻيڙي کي سهارو ڏئي رهي آهي، ڀائي جان بدڪلامي جُون سموريون حدون پار ڪري پن??نجي ذهنيت جي عڪاسي ڪندي ثابت ڪيو ته هو پن??نجي ماءُ، ڀينر ۽ ان جي عزت ۽ توقير کا?? آگاهه نه آهي، ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن جلد ايم ڪيو ايم ٻيهر ڪابينا جو حصو هوندي، ڪرونا وائرس جو علاج ۽ روڪٿام ڪندڙ ملڪن ۾ به ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙيو، پاڪستان حفاظتي انتظامن، آگاهي ۽ اسڪريننگ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪ فوج جو مڪمل ڍانچو ان عمل ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کا??پوءِ بريفنگ دوران مختلف سوالن جا جواب ڏئي رهي هئي.