اسلام آباد – 19 مارچ (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته نصاب جي ڪتابن جي ڇپائي جي حوا??ي سان مافيا جي عمل دخل کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي، هڪجهڙي قو??ي نصاب کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته پهرين کان پنجين ڪلاس تائين متفقه نصاب تيار ڪيو ويو آهي، ٻارهين ڪلاس تائين جو هڪجهڙو نصاب تيار ڪرڻ جو ڪم مارچ 2022ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، تعليم واري وزارت پي ٽي وي جي ذريعي ستن ڪلاڪن جي تعليمي نش??يات جو اهتمام ڪيو آهي ته جئين شآگردن جي تعليم متاثر نه ٿئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب تعليم جي شعبي ۾ طبقاتي فرق ختم ڪرڻ جي حوا??ي سان موجوده حڪومت پنهنجي واعدي جي پڄاڻي ڪندي.