اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ضم ٿيل علائقن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي ??هي?? انهن علائقن ۾ ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني ??ڻا??ڻ اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻن قبائلي علائقن) سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دو??ان ڪيو. ملاقات ۾ ضم ٿيل ضلعن ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي معاملن، ڪورونا وبا جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حوالي سان روڊ ميپ تي اڳڀرائي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته ضم ٿيل ضلعن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي ??هي?? ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني ??ڻا??ن اولين ترجيح آهي.