اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ادارن ۾ سڌارن جو مينڊيٽ مليو آهي ۽ اهو ئي اسان جي پا??ٽي جو منشور آهي، پاڪستان ۽ بدعنواني گڏ نه ٿا هلي سگهن، وزيراعظم عمران خان عالمي شهرت رکندڙ شخصيت آهي، ان جي ڀيٽ ڪنهن ب?? صورت ۾ موروثي س??استدانن سان نه ٿي ڪري سگهجي، وزيراعظم معائنه ڪميشن اي جي پي آر جي ذريعي سرڪاري خريداري ۾ ٿيندڙ خرابي کي سڌارڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي ورتيون آهن، سرڪاري خريداري جيڪا اي جي پي آر جي ذريعي ٿئي ٿي ان تي ساليانو اربين رپيا اضافي قيمت قوم جي پئسي سان ادا ڪرڻي پوي ٿي، ان بگاڙ کي سڌارينداسين ۽ جيڪو به ذميوار هوندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، جڏهن ب?? احتساب ۽ ادارن ۾ سڌارن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته مخالف ڌر پنهنجي س??اسي ۽ مالي مفادن جي لاءِ گڏ ٿي وڃي ٿي، ادارن ۾ خرابي پيدا ڪندڙن جو احتساب ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم معائنه ڪميشن جي چيئرمين احمد يار هراج سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان انهن ادارن کي ڄاڻي واڻي مفلوج ڪيو ويو. هن چيو ته پنهنجي منشور جي پا??داري ڪندي وزيراعظم عمران خان ادارن ۾ سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ وزيراعظم جي س??وري س??اسي جدوجهد انهي جي لاءِ هئي ته ادارن ۾ شفافيت هجي. هن چيو ته پي آءِ اي، نيپرا، پيمرا يا جيترا به ريگيوليٽ??ي جا ادارا آهن انهن جو فعال هجڻ اهميت رکندڙ آهي.