اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ ت??زين برساتن جي ڏس ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي برساتي نالن جي صورتحال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏ??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائ??ند?? ڪيو جنهن اسلام آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شامل هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي ۾ ت??زين برساتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي اين ڊي ايم اي کي ڪراچي ۾ برساتي نالن جي صورتحال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏ??ند??.