اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??لا??ل ڀ??و زرداري کي ڪرپشن بابت سوالن جو جواب پنهنجي گهر مان ئي ملي ويندو، سندس والد سري محل کان وٺي هر قسم جي ڪرپشن ??ري هاڻي ??لا??ل کي سياست ۾ آندو آهي ته جيئن سندس ڪرپشن کي تحفظ ملي سگهي، ??لا??ل ڀ??و پنهنجي والد کان پڇي ته ڪهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪي سطح تي پارٽي هڪ علائقائي پارٽي بڻجي وئي آهي، مخالف ڌر ڪن کولي ٻڌي وٺي انهن کي اين آر او نه ملندو، مخالف ڌر جي نيب قانون بابت 38 ترميمن کي رديءَ جي ٽو??ري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙن ڪرپشن جي نئين تشريح ??ري ڇڏي آهي ته هڪ ارب جي ڪرپشن کي ڪرپشن نه چيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ??ري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ??لا??ل ڀ??و زندگي ۾ هڪ ??پي?? نه ڪمايو، نه ڪنهن جي مدد ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن سماجي ڪم ۾ حصو وڌو، ??لا??ل ڀ??و زرداري اسان کان جيڪي سوال ??ري رهيو آهي هو اهي سوال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر ۽ خاندان تي نظر وجهي ته سري محل خريد ڪيو ويو، 65 ملين ڊالر جو اڪائونٽ ڪنهن جو آهي، ڪراچي ۾ لاتعداد ??لڪيتون ڪنهن جون آهن، اومني گروپ ڪيئن ٺهيو ته کيس انهن سمورن سوالن جا جواب ملي ويندا.