اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم ۽ ملت اسلاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته حق جي راهه تي هلڻ ۽ استقامت اختيار ڪرڻ ۾ اسان کي جيڪي به مشڪلاتون پيش اچن ۽ جهڙي به قرباني ڏيڻي پوي اسان ان کان نه ڪيٻائينداسين. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا هن ??قت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آهي. ڪوورنا وائرس جي وبا سڄي انسانيت جي لاءِ چئلينج بڻجي آئي آهي. منهنجي پاڪستاني قوم کي اها درخواست آهي ته قرباني جي عيد جي موقعي تي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي قرباني جو واجب سرانجام ڏيندي غريب ۽ ضرو??تم??د طبقي کي به پاڻ سان شامل رکي. منهنجي الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو ان وبا کي منهن ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي حفاظت فرم??ئي ۽ انهن کي بهترين اجر عطا فرم??ئي ۽ اسان کي جلد ک??ن جلد ان مان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.