اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث ??نصرن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ قيمتن کي هڪجهڙي سطح تي آڻڻ ج?? لاءِ بين الصوبائي ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي جامع ۽ منظم انتظامي قد??ن کي به يقيني بڻايو وڃي. هو اڱاري ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عوام الناس کي ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ قيمتن تي ضابطو رکڻ ج?? حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.