اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊ??ا يونيورسٽي اينيميشن، بصري آواز ۽ جديد ميڊيا سان تعلق رکندڙ هر شيءَ لاءِ هڪ جديد ترين ادارو هوندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ميڊيا ٽيڪنالاجيز ۾ دنيا جي مشهور يونيورسٽي (برن مائوٿ يونيورسٽي) سان سهڪار اڳتي وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي، هن پاڪستان ۾ برطانيه جي تعاون تي ٿورو ادا ڪيو، وفاق?? وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۾ برطانو?? ڊپٽي هاءِ ڪمشنر مائيڪ نيٿ ويريان??ڪس جو ٽوئيٽ به شيئر ڪيو جنهن وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين ۽ بورن مائوٿ يونيورسٽي جي جان ويني کي پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ دلچسپ ميڊيا پروگرام پيش ڪرڻ جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.