اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اٺين صوب?? تي طالبانن جي قبضي کانپوءِ افغانستان ۽ آمريڪي عوام کي افغانستان جي موجوده حڪمرانن جي سامهون سوال رکڻ گهرجي ته آخر افغانستان کي ڏنل 2 هزار ارب ڊالر زمين کائي وئي يا آسمان ڳهي ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايترا پئسا لڳڻ کانپوءِ افغان فوج پنن وانگر ڇو وکري رهي آهي؟ اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي عوام غربت ۾ پيسجي رهي آهي پر افغانستان جا سياستدان ۽ جرنيل ا??ب پتي آهن، انهن سڀني جا ٻاهرين ملڪ اربين ر??پين جا اثاثا آهن، ڪرپشن ڪهڙي طرح قومن کي غرق ڪري ڇڏيندي آهي، افغانستان ان جو مثال آهي.