اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀا??تي فورسز پاران ??يد علي گيلاني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳ ۾ 92 سالا ??يد علي گيلاني جيڪو محترم ترين ۽ بااصول ڪشميري اڳواڻن مان هڪ آهي جي ميت کسڻ ۽ پوءِ ان جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس ٺاهڻ نازين کان متاثر آر ايس ايس – بي جي پي سرڪار جي هٿان هندستان جي سفاڪ??ت جو هڪ ٻيو شرمناڪ مٿال آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ ڀا??تي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي خبر پڻ شيئر ڪئي آهي، خبر موجب غيرقانوني طور ??ارت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي پوليس ??يد علي گيلاني جي تدفين جي موقعي تي ڀا??ت مخالف نعرا لڳائڻ ۽ مرحوم جي ميت کي پاڪستاني جهندي ۾ ويڙهڻ تي ??يد علي گيلاني جي گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف بڊگام پوليس اسٽيشن ۾ اي?? آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي.