ڊيره اسماعيل خان – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ۽ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ موٽرسائيڪلن جون چاٻيون ورهايون، ان سلسلي ۾ هتي آبادگار ڪنوينشن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به موجود هئا. وزيراعظم آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا، پهرئين مرحلي ۾ ??وب?? جي پنج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن کي آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ سڄي ملڪ جي سمورين اي ٽي ايم مشينن تي اس??عم??ل ڪري سگهبا. پهرين مرحلي ۾ آبادگارن جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ کين سبسڊي (مشينري، ان پٽ وغيره) فراهم ??ئي ويندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ آبادگارن کي بنا وياج/ گهٽ مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪيا ويندا ۽ فصلن جي انشورنس ??ئي ويندي، ان کانسواءِ کين قدرتي آفتن جي صورت ۾ مالي ا??دا?? به فراهم ??ئي ويندي، ان کانسواءِ ??وب?? ۾ زراعت جي فروغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع جي دوران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي سبسڊي ڏني ويندي.