اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪا جو انتهائي ڪامياب دورو مڪمل ڪري ورتو آهي جتي هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي آمريڪا جي دوري ??ي سفارتي لحاظ کان انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ هن اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ افغانستان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن ??ي پاڪستان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 20 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهتو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ڪائونسل آن فارن ريليشنز ۾ بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن ??ي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير عالمي ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مختلف معاملن ??ي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آمري??ي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻطرفا لاڳا??ا، افغانستان جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. آمري??ي پرڏيهي وزير انخلا جي عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي لاڳپن ۽ سلامتي جي سربراهه بوريل جوزف سان مليو ۽ ٻطرفن لاڳاپن، اسٽريٽجڪ حصيداري سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ پنهنجي خ??اب ۾ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين ??ي پاڪستان جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي افغانستان بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد، انٽرنيشنل ڪميٽي ريڊ ڪراس جي صدر پيٽر مور، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ملاقاتون ڪيون ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي طرف ڇڪرايو. پرڏيهي وزير سعودي عرب، قطر، ترڪيءَ، مصر، انڊونيشيا، پرتگال، بيلجيئم، آئرلينڊ، سوئيڊن، ناروي، سلووينيا، رومانيه، فن لينڊ، جاپان سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ٽي آر ٽي ورلڊ، نيويارڪ ٽائيمز، الجزيره، ايسوسيئيٽيڊ پريس سان اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ??ي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي کي خ??اب ڪيو. پرڏيهي وزير ڊي – 8 فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ”اتفاق بابت اتحاد“ فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان منعقد ورچوئل فورم کي خ??اب ڪيو. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پاڪستاني ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت اهم معاملن ??ي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کي وڊيو خ??اب جي موقعي تي جنرل اسيمبلي هال ۾ موجود رهيو.