اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو جنهن ۾ مظلوم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي ضمانت ڏني وئي آهي، والا??يل ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو ناهي رهيو ۽ غيرقانوني طور تي والا??يل علائقي کي پنهنجو حصو قرار ڏيڻ جي ڀارتي آئين کي به تسليم نه ڪيو. هو ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ پرڏيهي آفيس کان ڊي چوڪ تائين ريلي جي قيادت ڪرڻ کانپوءِ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، ڪشمير پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سميت وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، حريت اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ ميڊيا سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ??ڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ ۽ بينرز کڻي رکيا هئا جن ۾ والا??يل ڪشمير جي عوام کي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ انه?? جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو عزم ڪيو ويو هو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندي چيو ته اهو ڏينهن ??ري نه آهي جڏهن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام ڀارتي قبضي کان آزادي حاصل ڪندي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انه?? جي خواهش موجب خودمختياري جي حق جي حوالي سان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪري. هن چيو ته آزادي جي صدائن کي دٻائڻ لاءِ ڀارتي قابض فوج والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ميڊيا جو بليڪ آئوٽ ڪري رکيو آهي ته جيئن ڪشميري?? جي آزاد ۽ مسلسل ڀارتي ظلم کي بي نقاب ڪندڙ سمورن آوازن کي خاموش ڪرائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪشميري عوام جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي. جڏهن ??الا??يل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ ٿئي ٿو ته پاڪستا?? جي ماڻهن کي ڏک ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي ڪشميري عوام سان ڪيل پنهنجي واعد?? جي احترام جي ياد ڏياري ٿو. ڪشميري?? جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته قائداعظم ڪشمير کي پاڪستا?? جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ ڪشميري عوام پنهنجو رت وهائي ان جو ثبوت ڏئي رهي آهي.