اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ حامين جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ جا بدمعاش ۽ غدار ڄار ۾ ڦاسي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ??وفي بزرگ حضرت شمس تبريزي جي قول جو حوالو ڏنو جنهن ۾ هن چيو ته چالن ۽ دوکيبازن جي فڪر نه ڪريو جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو توهان کي ڦاسائڻ ۽ تڪليف پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ??ه الله انهن کي به ڦاسائي رهيو آهي. کڏا کوٽيندڙ سدائين پنهنجي کوٽيل کڏن ?? ڪِرندا. هن چيو ته ڪو بُرو سزا کان بغير نه ٿو رهي ۽ ڪا سٺائي بغير انعام جي ناهي رهندي تنهن ڪري انصاف تي يقين رکو ۽ ان کي باقي رهڻ ڏيو.