اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار ترقي لاءِ انفارميشن ??يڪ??الاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي کي ترجيح ڏئي پاڪستان گهٽ وقت ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهي ٿو، آءِ ٽي جي شعبي جو ملڪي معيشت جي ترقي ۽ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح پارڪ ۾ ”فيوچر فري لانس فيسٽ 2022ع” کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام جي ايس بئنڪ پاڪستان فري لانس ايسوسيئيشن ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان ڪيو هو. تقريب ۾ اسپيشل ??يڪ??الاجي زون اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي ۽ جي ايس بئنڪ جي عمران حليم ??يخ سميت مختلف ادارن جي سي اي اوز ۽ آءِ ٽي جي ماهرن شرڪت ڪئي. صدر چ??و ته نوجوانن جو جذبو ۽ انفارميشن ??يڪ??الاجي جي ترقي پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائيندو، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي سان پاڪستان جو مستقبل روشن ٿيندو، هن چ??و ته آءِ ٽي انڊسٽري کي تربيت يافته افرادي قوت جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ هيومن ريسورس جي کوٽ نه آهي، نوجوانن کي موجوده دور جي گهرجن موجب انفارميشن ??يڪ??الاجي ۾ تربيت يافته بڻائي انهن لاءِ روزگار جا موقعا وڌندا. هن چ??و ته آءِ ٽي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪرڻو پوندو، نوجوانن کي فني تربيت لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي هنرمند ۽ معاشي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ آهي. صدر چ??و ته نوجوانن کي ڊجيٽل اسڪلز طرف متوجهه ڪيو پيو وڃي، 6 مهينن دوران 22 لک ماڻهن کي ڊجيٽل اسڪلز جي تربيت ڏني وئي، ڊجيٽل مها??تن جي ڪورس جي تربيت يافته ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ڪجهه نوجوانن ڏيڍ لک ڊالر تائين ڪمائي رهيا آهن جيڪا هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، صدر آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن تي زور ڏنو ته هو انفارميشن ??يڪ??الاجي ۾ جدت طرف پنهنجو ڌيان ڏين. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته آءِ ٽي جي شعبي کي سهولتن جي فراهمي سان هنرمند افرادي قوت تيار ٿيندي ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، هن چ??و ته چين آءِ ٽي ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي تربيت ڏئي هنرمند بنايو جنهن جي نتيجي ۾ هن زبردست ترقي ڪئي آهي. صدر چ??و ته آءِ ٽي جي شعبي کي ترجيحي ڏئي پاڪستان گهٽ وقت ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهي ٿو، ان مقصد جي لاءِ فيصله سازي جي عمل کي تيز ڪرڻو پوندو، مارڪيٽ جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي چيو ويو آهي ته ڊگري جو وقت گهٽ ڪيو وڃي، فري لانسر گهر ويهي مارڪيٽ سان ڳنڍجي رهيا آهن، مصنوعي ذهانت جي هر شعبي ۾ گنجائش موجود آهي، صدر چ??و ته آءِ ٽي سيڪٽر عو??تن کي بااختيار بنائڻ جو وڏو ذريعو آهي، گذريل سال ٽيوٽا پنجاب فيس بڪ جي سهڪار سان پنج هزار عو??تن کي مختلف هنر سيکارڻ جي تربيت ڏني جيڪي هاڻي پاڻ روزگار ڪمائي رهيون آهن، مون هن سال هڪ لک عو??تن کي تربيت يافته بڻائڻ جو هدف رکيو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته آءِ ٽي جو شعبو عو??تن کي گهر ۾ رهندي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن آءِ ٽي ڪمپنين تي زور ڏنو ته هو ان شعبي ۾ عو??تن جي شموليت جي حوصلا افزائي ڪن، هن چ??و ته ان لائن تربيت کانپوءِ عورتون گهر ۾ ويهي ڪم ڪري سگهن ٿيون، اسپيشل ??يڪ??الاجي زون اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي تقريب ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪندي چ??و ته هو آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي، هن چ??و ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي. تقريب کي خطاب ڪندي جي ايس بئنڪ جي عمران حليم ??يخ پروگرام جي ارادن ۽ مقصدن کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو، ان کان اڳ صدر مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا.