انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي مان ۾ ترڪ ايوان صدر ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيراعظم جيڪو ترڪيءَ جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي، صدار??ي محل پهچڻ تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سندس انتهائي والها??و استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنهنجي وفدن جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان کانپوء?? ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ صدار??ي محل ۾ ملاقات شروع ٿي.