اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ننڍن ڊيمن جي تعمير سميت ٻين قدمن جي ذريعي پاڻي محفوظ ڪر?? جي ذريعن ۾ اضافو ڪري پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، پاڪستان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي، اسان کي پنهنجي خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوري دنيا خاص طور تي علائقائي مل??ن سان گڏجي ڪم ڪر?? جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحرا ۽ ڏڪار کي منهن ڏي?? جي عالمي ڏينهن جي مو??عي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته هلندڙ سال صحرا ۽ ڏڪار جي ڏينهن جو موضوع ڏڪار کي گڏجي منهن ڏيڻ آهي، ان سان ڏڪار جو شڪار مل??ن کي متحد ٿيڻ لاءِ هڪ مضبوط پيغام ملندو، هي گهراڻن، برادرين، نجي شعبي ۽ مل??ن کي ڏڪار جي فوري اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ ڊگهي مدي واري همت پيدا ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هن چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ڪيترائي مل?? موسمياتي تبديلين، ٻيلن جي واڍي ۽ ٻنين ۽ گاهه جي ميدانن جي وڌيڪ استحصال جي ڪري وقفي وقفي سان گهٽ ۽ غير متوقع برساتن کي منهن ڏئي رهيا آهن جيڪو فصلن ۾ گهٽتائي، پاڻي ۽ زمين جي کوٽ ۽ واڌ ويجهه جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري آهي، صدر چيو ته ڏڪار جي اثرن کي پاڻي جي وسيلن ۾ اضافو ڪري گهٽ ڪري سگهجي ٿو جهڙوڪ ننڍا ڊيم، تلاءَ ۽ کوهه، پاڻي جي مناسب ورڇ، چراگاهن جي بحالي، وڻڪاري جي ذريعي مٽي جي پاڻي کي برقرار رک?? جي صلاحيت کي بحال ڪرڻ، دريائن جي ڪنارن جي حفاظت، ڏڪار برداشت ڪرڻ ۽ فصلن طرف منتقل ٿيڻ ۽ ڪمزور چراهگاهن کان جانورن جي چرپر شامل آهن. هن چيو ته اسان کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط پاليسيون اختيار ڪر?? جي ضرورت آهي، ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ منظم ۽ جامع ايڪشن پلان شروع ڪرڻو پوندو، ڏڪار کي منهن ڏي?? جي جامع حڪمت عملين تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، پاڻي ۾ ٻيهر اضافي جي ذريعي پاڻي جي حفاظت کي بهتر بڻائڻو پوندو، پاڻي جا وڌيڪ ذخيرا بڻائڻا پوندا، پاڻي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ سڄي مل?? ۾ ٻيلن جي زمين کي وڌائڻو پوندو. صدر ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پاڻي جي کوٽ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ صحرائي ۽ ڏڪار جو شڪار علائقن ۾ 10 هيڪٽر رقبي تي 3.29 ارب ٻوٽا لڳائ?? جي قومي سطح جي پروگرام شامل آهي، قدرتي نباتات ۽ حيوانات جي تحفظ لاءِ محفوظ علائقه قدم ۽ 2030ع تائين رضاڪاراڻي لينڊ ڊيگريڊيشن نيوٽلرٽي (ايل ڊي اين) جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي خوراڪ جو تحفظ يقيني بڻائڻ، دنيا کي پاڻي جي کوٽ کان بچائڻ لاءِ علائقائي مل??ن خاص طور تي باقي دنيا سان گڏجي ڪم ڪر?? جي ضرورت آهي.