اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، افغان پناهگيرن لاءِ عالمي امداد م مسلسل گهٽتائي جي باوجود پاڪستان انهن کي سڀئي ممڪنه سهولتون ف??اهم ڪري رهيو آهي. پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اهو عالمي ڏينهن پناهگيرن جا مسئلا سمجهڻ ۽ انهن جي زندگي جي حالت سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، 1979ع کان لکين افغان پناهگير پاڪستان اچڻ شروع ٿيا، افغانستان جي اندروني حالتن جي ڪري گذريل چئن ڏهاڪن کان اهو سلسلو جاري آهي، هن چيو ته قومي ڪووڊ پروگرام تحت 14 لک رجسٽرڊ افغان پناهگيرن ۽ 8.5 لک افغان سٽيزن ڪارڊ ه??لڊرز کي ٽيسٽنگ ۽ ويڪسين جون سهولتون به فراهم ڪيون ويون آهن، ان لا??ِ پناهگيرن لا??ِ پاڪستان جي عزم تي ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي، صدر چيو ته عالمي برادري ان عالمي مقصد لا??ِ پاڪستان جي تعاون جو اعتراف ڪيو آهي، پناهگيرن جي ڀلائي جي لا??ِ پاڪستان جي عزم جي بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالمي برادري به ان سلسلي ?? پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو آهي، پناهگيرن جو تعلق معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن سان آهي. انهن جي مسئلن جو حتمي حل انهن جي اباڻي ملڪن ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام آهي ته جيئن هو عزت ۽ وقار سان پنهنجي ملڪ واپس وڃي سگهن، صدر چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.