ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اقليتن بابت قومي ڪميشن (اين سي ايم) جي ميمبر ۽ پاڪستان هندو فورم جي صدر ڊاڪٽر جي پال ڇابڙيا چي?? آهي ته دنيا کي ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو 5 آگسٽ جي سمورن غيرقانوني، هڪ طرفن قدمن ۽ آبادي ۾ تبديلين کي واپس وٺي جيڪي هن والاريل علائقي ۾ کنيا آهن. اها ڳالهه هن اي پي پي سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چي?? ته عوام 5 آگسٽ کي ??ستحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي ته جيئن ان ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ??مو?? ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي غيرقانوني خاتمي جي خلاف آواز بلند ڪري سگهجي. هن چي?? ته 5 آگسٽ تي عالمي برادري کي ياد ڏياريو ويندو ته ڪشمير هڪ تڪراري خطو آهي جنهن تي ڀارت سمورن عالمي قانونن کي نظرانداز ڪندي ۽ عوام جي خواهشن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي پر ڪشميرين رياستي دهشتگردي جي باوجود مزاحمت جاري رکي ??هي. هن چي?? ته قابض فوج اڪثريتي مسلم آبادي کي ??بديل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چي?? ته ڀارت جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا ڇو ته 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري دهشتگردي جي وحشياڻي قبضي جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي گهٽ نه ڪري سگهيو. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اها سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي ??ودمختياري جو حق يقيني بڻائي.