ڪوئيٽا – 05 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين م??ن آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو ??يو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏ??اڙ?? جي موقعي تي جاري ڪ??ل بيان ۾ ??يو. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي رياستي دهشتگردي جو نه رڪجڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ لکين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هاڻي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي انتهاپسند هندوئن کي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي ڏاڍ ۽ ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اتي گڏيل قومن جي قر??رد??دن موجب ڪشميرين کي انهن جي راءِ جو حق ڏيڻ گهرجي.