اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آزاد?? جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي سزائن ۾ گهٽتائي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جيلن ۾ رهندڙ قيدين جي سزائن ۾ پنجين حص?? جي گهٽتائي ڪئ?? ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيد?? جيڪي 15 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن انهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. 60 سال يا ان کان وڏي عمر جون عورتون جيڪي 10 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪيون آهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. قيد جي سزا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ قيدين جي سزا تي مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 20 سال جي قيد مڪمل ڪندڙ قيدين جي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق موت جي سزا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌا??ي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙ?? جي ڏوهارين تي نه هوندو.