اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيدمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”جعلي خبرن جو رجحان“ جي حوالي سا?? خصوصي مڪالمو منعقد ڪيو ويو. ميڊيا ماهر مسرور گيلاني جعلي خبرن جي منفي رجحان تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن سان م??ڊيا جي مختلف شعبن، تربيتي ادارن سا?? گڏوگڏ سرڪاري آفيسرن جي وڏي انگ فائدو کنيو. مسرور گيلاني جعلي خبرن جي وجود بابت تفصيلي ڳالهائيندي غلط معلومات، غلط اطلاعات ۽ جعلي خبرن جي تعريف جي وضاحت ڪ??ي ۽ ان مسئلي کي ان جي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن جعلي خبرن جي رجحان کي نفسياتي، مالي ۽ سياسي محرڪات سا?? ڳنڍيو. هن چيو ته جديد ۽ ضروري اوزارن سا?? ليس خابرو ادارن ۽ ميڊيا گذريل سا??ن ۾ حقيقتن ج?? ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار ۽ نظام جوڙيو آهي ته جيئن حقيقتن تي ٻڌل خبرن جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. هنFactChecker, FactkCheck.org,Snopes واشنگٽن پوسٽ جي هفتيوار بلاگ، سينٽ پيٽرز برگ ٽائيمز مان PolitiFact.com ۽ PunditFact کي حقيقتن ج?? ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ادارن طور حوالو ڏنو. هن چيو ته اي ايف پي، اي پي، رائٽرز، بي بي سي ۽ ٻيا خابرو ادارا باقاعدگي سا?? فيڪٽ چيڪ رپورٽس شايع ڪن ٿا. اهڙي طرح پاڪستاني اخبارون دي نيوز، ڊيلي ڊان، ايڪسپريس ٽربيون، ڊيلي پاڪستان ۽ ڪجهه ٽيليويزن چينلز به حقيقتن ج?? ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽون شايع ڪن ٿا يا انهن جي ويب سائيٽس تي حقيقتن ج?? ڇنڊڇاڻ جو سيڪشن هوندو آهي. هن چيو ته تربيت هيٺ آفيسر انهن رپورٽس جو مطالعو ۽ انهن مان فائدو کڻي سگهن ٿا ته جيئن خبرن جي جائزي بابت انهن جي علم ۾ اضافو ٿي سگهي. بعد ۾ سوال ۽ جواب جو سيشن ٿيو جنهن دوران مسرور گيلاني سوشل ميڊيا تي رپورٽس ۽ تصويري مواد جي حقيقت ج?? ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽولز جي وضاحت ڪ??ي. سيشن جي پڄاڻي تي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي مه??ان م??رر ۽ ٻين تربيتي ادارن جي شرڪت ڪندڙن کي سووينئرز پيش ڪيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ذيلي ادارن جي سينيئر آفيسرن به خصوصي مڪالمي ۾ شرڪت ڪ??ي.