اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ محڪماڻي راندين تي پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آ??ي ته دولت مشترڪه ۽ اسلام?? يڪجهتي راندين ۾ پاڪستاني رانديگرن ميڊلز کٽي قوم جو نالو روشن ۽ سبز هلالي جهنڊو سربلند ڪيو آ??ي، ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ رانديگرن تي قوم کي فخر آهي، ا?? سان نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿيندي، ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي ڪري وڏو چئلينج درپيش آهي، ٻوڏ متاثرين کي ٻيهر گهرن ۾ آباد ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ دولت مشترڪه ۽ اسلام?? يڪجهتي راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي اعزاز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني رانديگرن دولت مشترڪه ۽ اسلام?? يڪجهتي راندين ۾ جهڙي طريقي سان محنت ڪري شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ان سان ملڪ جو نالو روشن ٿيو آ??ي ۽ سبز هلالي جهنڊو دنيا ۾ سربلند ٿيو آ??ي، ا??ي ڪاميابيون سمورن رانديگرن جي والدين جي دعائن، استادن ۽ ڪوچز جي محنت، ا??هن جي پنهنجي راندين سان لڳاءُ ۽ ڏينهن رات محنت جو نتيجو آ??ي، ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندڙ رانديگرن تي پوري قوم کي فخر آهي ۽ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پورو يقين آهي ته اسان جا رانديگر راند جي ميدان ۾ اڳي به اهڙي طرح ڪاميابين جو سفر جاري رکندا ۽ ان سان اسان جي ٻين هونهار رانديگرن جي پڻ حوصلا افزائي ٿيندي. وزيراعظم راندين جي عملدارن کي به مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته انهن جي ٽيم ورڪ ۽ ڪوششن قوم کي هي ڏينهن ڏيکاريو آ??ي، ا??ڙي طريقي سان قدم جاري رکڻ گهرجن ۽ نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن، هي قوم وڏي جرئت ۽ اسان جا ٻار وڏي همت وارا هونهار ٻار آهن ۽ انهن ۾ وڌيڪ رانديگرن جو تعلق شايد امير خاندانن سان به نه آهي پر هي عظيم پاڪستاني آهن، ا??ڙي طرح راندين جي شعبي ۾ ٽيلنٽ جي ڳولا ڪئي وڃي ته اها تمام وڏي قومي خدمت هوندي. وزيراعظم چيو ته دولت مشترڪه ۽ اسلام?? يڪجهتي راندين ۾ سوني جو تمغو حاصل ڪندڙ ارشد نديم پنهنجي ڳوٺ کي مثالي ڳوٺ ۽ اسڪول ۽ اسپتال جهڙي بنيادي سهولتن جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آ??ي، مثالي ڳوٺ جي پاليسي اڳ ۾ موجود هئي پر پوءِ ان کي ختم ڪيو ويو هو پر ارشد نديم جي وٺن ۾ اهي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ اهڙي طرح جون سهولتون ٻين رانديگرن جي ڳوٺن ۾ به فراهم ڪنداسين، ا??يد آهي ته جن رانديگرن ڪانسي ۽ چاندي جا تمغا حاصل ڪي?? آهن اهي اڳتي سوني جا تمغا کٽيندا ۽ سوني جا تمغا کٽيندڙ پلاٽينم ميڊل کڻندا، همت ڪندا ته ترقي توهان جا قدم چُمندي. وزيراعظم چيو ته رانديگرن جي لاءِ انعام جي رقم ۾ يقينن اضافو ٿيڻ گهرجي ۽ اهو اضافو ڪيو به ويندو پر هن وقت ملڪ کي ٻوڏ صورتحال جي ڪري وڏو چئلينج درپيش آهي، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، اڄ ئي قطر جي دوري تان واپس پهتو آ??يان ۽ هينئر هڪ اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ته ڪهڙي طرح اسان کي ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جيل اءِ قدم کڻڻ?? آهن، لکين، ڪروڙي ماڻهو ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿي?? آهن انهن جي لاءِ وڌيڪ رقم گهرجي، جيئن به ۽ جتان به ممڪن ٿيو انهن جي لاءِ وسيلا ڳولينداسين ۽ انهن کي ٻيهر پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب 800 کان 900 ماڻهو فوت ٿي?? آهن، ا??له تعاليٰ انهن کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام کي وڌيڪ ڪنهن به نقصان کان بچائي. هن چيو ته محڪماڻي راندين تي پابندي ختم ڪري رهيو آ??يان ته جيئن ادارن جي وچ ۾ راندين ۾ چٽاڀيٽي کي وڌايو وڃي ۽ راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جا نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي سگهن. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف دولت مشترڪه ۽ اسلام?? يڪجهتي راندين ۾ ميڊلز کٽيندڙ رانديگرن ۾ روڪ انعام پڻ ورهايا. انعام حاصل ڪندڙ رانديگرن ۾ الطاف الرحمان، شاه?? حسين شاهه، عنايت الله، علي اسد، زمان انور، شريف طاهر، محمد انعام، نور دستگير بٽ ۽ ارشد نديم شامل آهن.