اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آ??ي ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ ۽ قومي جرئت ۽ بهادري جو ڏينهن آهي، 6 سيپٽمبر تي دشمن ملڪ جي فوج عالمي سرحدن جي خلاف ورزي ڪندي آڌي رات جو پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو، پاڪ فوج ۽ بهادر عوام ملڪ جي تحفظ ۽ س??ام??ي ۽ آزادي جي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڀارتي فوج آڏو شيهي جي ديوار ثابت ٿي ۽ دشمن ملڪ جي سمورن ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. سينيٽ سيڪريٽري موجب پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ??وم جي نالي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي بهادر، جرئتمند ۽ مضبوط ترين فوجن ۾ شمار ٿئي ٿي جيڪا نه رڳو پنهنجي ملڪ جي عالمي دنيا جي امن مشن ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪي آهي. محمد صادق سنجراڻي چيو ته پوري ??وم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي جنهن دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ڪرڻ جو نه رڳو عزم ڪري رکيو آ??ي پر ان جي لاءِ ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙا آپريشن شروع ڪري دهشتگردن کي تباهه ۽ برباد ڪيو، ملڪ جي امن ۽ س??ام??ي جيل اءِ بيشمار جوانن پنهنجي زندگين جا نذرانا پيش ڪيا جن کي پوري ??وم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ملڪ جي بهادر فوج نه رڳو ملڪي س??ام??ي ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو آ??ي پر هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي ??وم جي ڀرپور مدد ڪئي آهي، ماضي ۾ زلزلي ۽ برساتن ۽ تازن ڏينهن ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۾ پاڪ فوج جون امدادي سرگر??يو?? بي مثال آهن جنهن جي لاءِ پاڪ فوج جي موجوده قيادت ۽ جوان خراج تحسين جا مستحق آهن، جهڙي طرح پوري ??وم ملڪي دفاع جي لاءِ هٿياربند فوج سان گڏ آهي اهڙي طرح پاڪ فوج پنهنجي هم وطنن جي سدائين هر مشڪل وقت ۾ ڀرپور مدد ڪئي آهي.