اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪاميابي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان حڪومتي، ادارن ۽ ماڻهن پاران چار سال جي مسلسل محنت کانپوءِ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿ??و آهي جنهن تي پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان ڪاميابي جو سهرو انهن سمورن ماڻهن ڏانهن وڃي ٿو جن اڻٿڪ محنت ڪئي، قانونن ۾ تبديل??ون ڪ??ون ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي جي حوالي س??ن ق??مي عزم تي عمل ڪري ڏيکار??و آهي.