اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) تو??نائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو بنيادي ڍانچو ۽ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شمسي تو??نائي تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو جلد پيش ڪيو وڃي. تو??نائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اهم اجلاس وزيراعطم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير، تو??نائي واري وفاقي وزير، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي صلاحڪار احمد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شمسي تو??نائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پلان جلد کان جلد پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏن?? وئي. تو??نائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي انفراسٽرڪچر/ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.