اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن جو سڀ کان وڏو ورچوئل اسٽوڊيو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ٽيليويزن وٽ سمورا اثاثا موجود آهن رڳو انهن کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن جي ورچوئل اسٽوڊيو جي ا??تتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي سهيل علي خان ۽ پيمرا چيئرمين سليم بيگ پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو ته اڄ پي ٽي وي جي عملي ۽ انتظاميا جي ڪوششن سان پي ٽي وي ۾ آءِ ٽي رکندڙ سلوشنز استعمال ٿي رهيا آهن جيڪا جديد دور جي گهرج آهي. هن چيو ته ورچوئل اسٽوڊيو جو قيام پاڪستان ٽيليويزن جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي، ان کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پي ٽي وي ن??وز صحيح خبرن سان گڏ هاڻي جديد ان??از ۾ ڪم ڪندو. ورچوئل اسٽوڊ??وز بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ٽيليويزن جو اسٽيٽ آف دي آرٽ ورچوئل سيٽ قومي علائقائي ۽ عالمي خبرن سان گڏوگڏ موسم ۽ راندين جي خبرن ۽ حالات حاضره جي پروگرامن کي پڻ جديد ان??از ۾ عوام آڏو پيش ڪندو. پاڪستان ٽيليويزن پنهنجي 58 سالا سفر دوران ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان ٽيليويزن ن??وز پنهنجي سڀ کان وڏي ورچوئل اسٽوڊيو سان هاڻي عوام کي جديد ان??از ۾ خبرون، تجزيا ۽ پاڪستان جي ح??يق?? موقف کان باخبر رکندو. ورچوئل اسٽوڊيو جي قيام سان قومي، علائقائي خبرون، سياست، ثقافت، تعليم، حالات حاضره ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان پي ٽي وي ن??وز جا ناظرين جديد ان??از ۾ آگاهه ٿي سگهندا. اسٽوڊ??وز جي ذريعي موسم جي خبرن سان گڏوگڏ راندين جي ميدان ۾ پڻ ناظرين کي آگاهه رکيو ويندو. بهترين آڊيوز، هائي ڊيفينيشن، خوبصورت گرافڪس پي ٽي وي ن??وز جي اسڪريم جو حصو هوندا.