اسلام آ??اد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اڄ پورو پاڪستان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي غير متزلزل يڪجهتي ۽ حمايت جو ا??هار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي م??قعي تي وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام گڏيل قومن جي م??ظور ٿيل حق خوداراديت جي جدوجهد ۾ ڀارتي غاصباڻي نظام کي م??هن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام ڀارت جي غيرقانوني قبضي مان آزادي واري پنهنجي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ بي انتها جدوجهد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪشميرين پنهنجي قربانين سان آزادي جي ش??ع کي جوت بخشي آهي. منهنجو يقين آهي ته سندن خواب ??لد پورا ٿيندا.