اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بنائڻ ۽ گهربل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيوروڪريسي ۾ تيز رفتار فيصلاسازي جي جذبي کي اڀارڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بيوروڪريسي پاران سست فيصلاسازي جي نتيجي ۾ ناقص گورننس سان گڏوگڏ ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ پڻ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فنانس ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري اويس منظور، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري عصمت طاهره، ريڪٽر اين ايس پي پي ڊاڪٽر اعجاز منير ۽ اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سيڪريٽري نديم محبوب شرڪت ڪئي. بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن جاويد صادق ملڪ، منير ڪمال، زيد بن مقصود، محمد حنيف چنا ۽ ڊاڪٽر حفيظ احمد جمالي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر سٺي حڪمراني ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي جد??د علم ۽ ٽيڪنڪ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اين ايس پي پي ۾ تربيت حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازمن ۾ تيز فيصلاسازي جو جذبو پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ فيصلاسازي جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ بهترين عالمي تربيتي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بورڊ آف گورنرز اين ايس پي پي کي نوجوان پروفيشنلز کي بطور ان??رن??ز ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. صدر مشورو ڏنو ته نوجوان پروفيشنلز جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ موزون ۽ موثر ان??رن??ز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ملڪ جي سمورن نيشنل انسٽيٽيوٽس آف مئنيجمينٽ ۾ ڪمپيوٽر آ??ري??رز کي بي پي ايس – 11 مان بي پي ايس – 16 ۾ اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ڪمپيوٽر آ??ري??رز جي عهدي جو نالو آءِ ٽي آفيسرز ۾ تبديل ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. بورڊ 14 فيبروري 2023ع جي فنانس ڊويزن جي آفيس ميمورنڊم م??جب بي پي ايس – 1 کان بي پي ايس – 16 ۾ ملازمن جي لاءِ خصوصي رعايت ڏيڻ جي تجويز جي پڻ منظوري ڏني.