اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته فارن فنڊڊ ??ارٽين کي ملڪ کي عالمي چوڪ بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، قوم جي مفاد کي مٿانهون رکندي فيصلا ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ منعقد قومي آئيني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو ته هو مختلف سياسي پارٽين جي انهن لکين سياسي ڪارڪنن کي خراج تحيش پيش ڪرڻ چاهي ٿو جنهن اڄ تائين 1973ع جي آئين کي م??فوظ رکيو آهي. اڪابرن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هن ملڪ لاءِ آئين ٺاهيو ويو، 1973ع جي آئين کانپوءِ ضياءُ الحق ۽ مشرف مارشل لا لڳايو ۽ عدالتن نظريه ضرورت تحت ان کي نه رڳو جائز قرار ڏنو پر فرد واحد کي آئين ۾ ترميمن جي اجازت به ڏني وئي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جو تعين ايوب، ضيا ۽ مشرف ڪندا آيا آهن، هي پاليسي هن ايوان کي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ا??ان پاڙيسري ملڪن ??ان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، ا??ان چين ??ان معاشي م??اهدن تي عملدرآمد چاهيون ٿا، افغانستان ۾ افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، ا??ان ايران ??ان اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا جون عالمي تنظيمون هتي پنهنجي غلام سياستدانن ۽ فارن فنڊڊ ??ارٽين جي م??د ڪنديون آهن، اهي آئين جي شڪل بگاڙيندا آهن. اهي عدالتي نظام کي بگاڙيندا آهن ۽ قوم کي ورهائيندا آهن. پاڪستان ۾ ڇو فارن فنڊڊ ??ارٽين کي اڳتي آندو پيو وڃي، ا??ان کي انهن فارن فنڊڊ ??ارٽين ??ان ڳاله??ن تي ڇو مجبور ڪيو پيو وڃي، ا??ان ڳالهيون پاڪستان ۽ پاڪستان جي انهن پارٽين ??ان ڪنداسين جيڪي عالمي ايجنڊا تي عمل پيرا نه هجن. ا??ان کي پشتون، بلوچ، سرائيڪي قومپرستن ??ان به ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آئين ??ان اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪم ڪري رهي آهي، ڇو نه ان جي م??فقه سفارشن کي هن پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سفارشون مڪمل آهن. هن چيو ته ا??ان اڄ به آئين ۽ پارليامينٽ ??ان گڏ بيٺل آهيون. هتي فراڊي ايندا آهن، ضياءُ الحق به اسلام جو نعرو لڳايو ۽ هاڻي هڪ فراڊي به مديني جي رياست جو نالو وٺي رهيو آهي پر اسلام پسندن سدائين اهڙن دوکي بازن کي رد ڪيو آهي. هن آئين جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪ??و ۽ چيو ته ا??ان جي اڪابرن قربانيون ان لاءِ ناهن ڏنيون ته هتي فارن فنڊڊ ??ارٽيون ملڪ کي عالمي چوڪ بڻائي ڇڏين جتي ڀاڙي تي سياستدان دستياب هجن، ملڪ لاءِ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي.