اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي قوم جو اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قوم انهن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 12 مئي جي مسلم باغ بلوچستان دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پ??ران انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن کي خراج عقيدي پيش ڪندي قوم جي لاءِ خدمتن تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه دوران صدر جون اکيُون ڳوڙهن هاريون ٿي وي??ن. ??در حوالدار عبدالرحيم، محمد عرفان ۽ نديم اقبال جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اسٽينو ٽائپسٽ غلام فريد ۽ سينيٽر ورڪرز صابر مسيح ۽ ش??ن مسيح جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ فهيم مشتاق ۽ سپاهي سعيد اسلم ۽ طلال جامي جي وارثن سان ٽيليفون تي ??عز??ت جو اظهار ڪيو. صدر ??ن موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته شهيد قوم جو اثاثو آهن?? قوم انهن جون قربانيون نه وساريندي. هن شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پ??ران خراج عقيدت پيش ڪيو.